سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 12 حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 12 حياتيون ڳڙڪائي ويو، صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 112 ٿي ويو، 358 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 6 هزار 53 ٿي ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 358 نون ڪيسن مان 284 جو تعلق ڪراچي سان آهي، شڪارپور ۾ 34، دادو ۾ 6، حيدرآباد ۾ 5، سانگهڙ ۾ 4 ۽ سکر ۾ 3 نوان ڪيس رپورٽ، جيڪب آباد ۾ 2، ڄامشورو، مٽياري، نوشهروفيروز ۽ ٺٽو ۾ هڪ – هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *